Deuteronomy 19:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جهڙيءَ طرح ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي، ۽ وڻ وڍڻ لاءِ ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي، ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي، ۽ اهو مري پوي: تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي تہ جيئرو رهي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مثال طور ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڪاٺين وڍڻ لاءِ ٻيلي ۾ وڃي. اتي وڻ وڍڻ لاءِ هو ڪهاڙو کڻي ڌڪ هڻي ۽ ڦر ڳن مان نڪري وڃي سندس پاڙيسريءَ کي لڳي ۽ اهو مري پوي، تہ هو انهن شهرن مان ڪنهن هڪڙي ۾ ڀڄي وڃي پنهنجي جان بچائي.