Deuteronomy 2:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي اوهين اٿي ڪوچ ڪريو، ۽ ارنون جي ماٿري لنگهي پار وڃو: ڏسو، مون حسبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي، سندس ملڪ سميت تنهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي: سو انهي تي قبضو ڪر، ۽ انهي سان جنگ شروع ڪر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موآب مان لنگھي وڃڻ کان پوءِ خداوند اسان کي فرمايو تہ ’هاڻي اوهين اُٿي روانا ٿيو ۽ برساتي نهر ارنون مان لنگھي پار وڃو. ياد رکو، مون حشبون جي اموري بادشاهہ سيحون کي سندس ملڪ سميت اوهان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اوهين انهيءَ جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪريو ۽ ساڻس جنگ ڪريو.