Deuteronomy 2:36 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ارنون جي ماٿريءَ جي ڪناري تي، جو عروعير شهر آهي، ۽ ماٿريءَ ۾ جيڪو شهر آهي، تنهن کان وٺي جلعاد تائين، اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو: سڀيئي شهر، خداوند اسان جي خدا، اسان جي حوالي ڪيا:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
برساتي نهر ارنون جي ڪناري واري شهر عروعير ۽ نهر جي وچ واري شهر کان وٺي جِلعاد تائين اهڙو ڪوبہ شهر ڪونہ هو جيڪو اسان جي قبضي ۾ نہ آيو. خداوند اسان جي خدا، اهي سڀيئي شهر اسان جي حوالي ڪيا.