Deuteronomy 22:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ اوهين انهن ٻنهي کي انهي شهر جي دروازي تي آڻي، کين سنگسار ڪري ماري ڇڏجو؛ انهيءَ ڇوڪريءَ کي هن ڪري، جو هو شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ماڻهوءَ کي هن ڪري، جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي بي آبرو ڪيو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ اوهين انهن ٻنهي کي ان شهر جي در تي آڻي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو. ڇوڪريءَ کي انهيءَ ڪري ماريو جو هوءَ شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين ۽ مرد کي انهيءَ ڪري جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مڱ کي بيآبرو ڪيو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.