Deuteronomy 23:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي تون ڀلي وياج تي قرض ڏج؛ پر پنهنجي ڀاءُ کي ڪابہ شيءِ وياج تي اُڌاري نہ ڏج: تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، انهي ۾ خداوند تنهنجو خدا انهن سڀني ڪمن ۾، جن ۾ تون هٿ وجهندين، تن ۾ توکي برڪت ڏيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي اوهين ڀلي وياج تي قرض ڏيو. پر بني اسرائيل مان پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ڪابہ شيءِ وياج تي اڌاري نہ ڏجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا انهن سڀني ڪمن ۾ اوهان کي برڪت عطا ڪري، جن ۾ اوهين هٿ وجھو.