Deuteronomy 26:13 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هيئن چئج، تہ جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون پاڪ شيون پنهنجي گهر مان ڪڍيون آهن، ۽ اهي لاويءَ کي، ۽ پرديسيءَ کي، ۽ يتيم کي، ۽ بيوہ زال کي ڏنيون اٿم: مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم جي انحرافي نہ ڪئي آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي هيئن چئجو تہ ’جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون مخصوص ڏهون حصو پنهنجي گھر مان ڪڍي اهو پاڻ وٽ رهندڙ لاوين ، ڌارين، يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ڏنو آهي. مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم کان منهن نہ موڙيو آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم.