Deuteronomy 29:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
موسيٰ سڀني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ جيڪي خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهانجين اکين اڳيان، فرعون سان، ۽ سندس سڀني نوڪرن سان، ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گھرائي کين چيو تہ ” خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهان جي اکين اڳيان فرعون ، سندس سڀني عملدارن ۽ سندس سڄي ملڪ سان جيڪي ڪجھہ ڪيو سو اوهان پاڻ ڏٺو.