Deuteronomy 3:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيسين ڪ خداوند اوهان جي ڀائرن کي اهڙو آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس، ۽ هو بہ انهي ملڪ کي هٿ ڪن جو خداوند اوهان جو خدا هنن کي يردن جي پرئين ڀر ڏيڻ وارو آهي: پوءِ اوهان مان هرڪو موٽي پنهنجيءَ ملڪيت تي اچي، جا مون اوهان کي ڏني آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘