Deuteronomy 31:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تون سڀني ماڻهن کي، يعني مردن ۽ زالن ۽ ٻارن کي ۽ جيڪي پرديسي تنهنجي شهر ۾ هجن، تن سڀني کي گڏ ڪج، تہ اهي ٻڌن، ۽ سکن، ۽ خداوند تنهنجي خدا کان ڊڄندا رهن، ۽ هن شريعت جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪن؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين سڀني ماڻهن يعني مردن، عورتن، ٻارن ۽ جيڪي ڌاريا اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، تن سڀني کي گڏ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ هو اها شريعت ٻڌن ۽ خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکندي انهيءَ جي سڀني ڳالهين تي خبرداريءَ سان عمل ڪرڻ سکن.