Deuteronomy 31:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن ان ڏينهن مون کي مٿن ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ۽ آءٌ کين ڇڏي ڏيندس. آءٌ پنهنجو منهن انهن کان ڦيري ڇڏيندس. منجھن تباهي اچي پوندي ۽ گھڻيون ئي آفتون ۽ مصيبتون مٿن اينديون. تڏهن ان ڏينهن اهي چوندا تہ ’ڇا هي آفتون اسان تي انهيءَ ڪري نہ آيون آهن جو اسان جو خدا اسان منجھہ ڪونهي؟‘