Deuteronomy 31:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ ۽ جڏهن هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا؛ تڏهن هو ٻين معبودن ڏانهن ڦرندا، ۽ انهن جي عبادت ڪندا، ۽ منهنجي حقارت ڪندا، ۽ منهنجو عهد ڀڃندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ سبب جو تہ جڏهن آءٌ هنن کي انهيءَ آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ پهچائيندس، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو ۽ جتي هو کائي پيٽ ڀري ٿلها متارا ٿيندا، تڏهن هو غير معبودن ڏانهن ڦرندا، انهن جي پوڄا ڪندا، مون کي حقير ڄاڻيندا ۽ منهنجو عهد ڀڃي ڇڏيندا.