Deuteronomy 31:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، سڀني اسرائيلين جي اڳيان چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿيءُ: ڇالاءِ جو تون هن اُمت سان گڏجي انهي ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي چيو هو تہ هنن کي ڏيندو؛ ۽ تون هنن کي انهي جو وارث ڪندين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن جي روبرو کيس چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون هن قوم سان گڏجي انهيءَ ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو ۽ تون اهو کين ورثي طور ورهائي ڏيندين.