Deuteronomy 4:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
خاص ڪري انهي ڏينهن واريون ڳالهيون، جنهن ڏينهن تون حورب جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺين، ۽ جڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ اُمت کي منهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو ڪلام ٻڌايان؛ انهي لاءِ تہ جيترا ڏينهن هو زمين تي جيئرا رهن اوترا ڏينهن مون کان ڊڄڻ سکن، ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ سيکارين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خاص ڪري انهيءَ ڏينهن واريون ڳالهيون کين سيکارجو، جنهن ڏينهن اوهين سينا جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺا هئا. ان وقت خداوند مون کي فرمايو هو تہ ’بني اسرائيل قوم کي منهنجي اڳيان آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو فرمان ٻڌايان، انهيءَ لاءِ تہ هو پنهنجي سڄي حياتي جيستائين هو زمين تي جيئرا رهن تيستائين مون کان ڊڄڻ سکن ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ اهو سيکارين.‘