Deuteronomy 5:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي: انهي ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر، نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نہ تنهنجو ڏاند، نہ تنهنجو گڏهہ، نہ تنهنجو ڪو ٻيو ڍور، نہ تنهنجو ڪو مسافر، جو تنهنجي در جي اندر هجي؛ انهي لاءِ تہ تنهنجي غلام ۽ ٻانهيءَ کي بہ تو وانگر آرام ملي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو مون خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي بہ اوهان وانگر آرام ملي.