Deuteronomy 8:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر تون خداوند پنهنجي خدا کي ياد رکج، ڇالاءِ جو اهو ئي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت ٿو ڏئي؛ تہ جنهن عهد جي بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن کي قائم رکي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر ياد رکو، تہ اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي، جيڪو اوهان کي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي انهيءَ عهد کي پورو ڪري ٿو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.