Deuteronomy 9:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي اسرائيل ٻڌ، اڄوڪي ڏينهن توکي يردن جي پار لنگهڻو آهي، انهي لاءِ تہ اهي قومون جي تو کان وڏيون ۽ زور واريون آهن، ۽ وڏا شهر جن جون ڀتيون آسمان تائين آهن، تن تي وڃي قبضي ڪرين؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ٻڌو، اوهين اڄ اردن درياءَ کان پار انهيءَ لاءِ وڃڻ وارا آهيو تہ جيئن اهي قومون جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن ۽ جن جي وڏن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، تن کي ڀڄائي ڪڍو.