Deuteronomy 9:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري تون اڄوڪي ڏينهن سمجهي وٺ، تہ خداوند تنهنجو خدا تنهنجي اڳيان ڀسم ڪرڻ واري باهہ وانگر هن ڀر ٿو هلي؛ اهو انهن کي برباد ڪندو، ۽ هو انهن کي تنهنجي اڳيان ڪيرائيندو: جنهنڪري تون انهن کي هڪالي ڪڍندين، ۽ انهن کي سگهو ئي نابود ڪري ڇڏيندين، جيئن ڪ خداوند توکي فرمايو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اوهين اڄوڪي ڏينهن ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪندڙ باهہ وانگر اوهان جي اڳيان ٿو هلي. هو انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. هو کين اوهان جي آڏو اهڙو تہ ماري مات ڪندو جو اوهين هنن کي ڀڄائي ڪڍندا ۽ جلد ئي کين نابود ڪري ڇڏيندا، جيئن خداوند اوهان سان واعدو ڪيو آهي.