Deuteronomy 9:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تون پنهنجي راستبازيءَ يا پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ جي ڪري، انهن جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ نٿو وڃين: پر انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کڻي جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم ، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.