Ecclesiastes 4:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.