Ecclesiastes 9:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
سڀني ۾ اها خرابي آهي جا سج هيٺان آهي، تہ سڀني سان هڪڙي حالت لاڳو آهي: هائو، هيءَ بہ تہ انسان جي دل بديءَ سان ڀريل آهي، ۽ جيستائين هو جيئي ٿو تيستائين چريائي سندس دل ۾ آهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو مئلن ۾ داخل ٿئي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.