Ephesians 1:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ زمانن جي پوري ٿيڻ تي اهڙو بندوبست ٿئي، جو سڀ شيون جي آسمان توڙي زمين تي آهن، سي مسيح ۾ گڏجي وڃن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ لاءِ تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ تي اھڙو بندوبست ٿئي جو سڀ شيون جيڪي آسمان توڙي زمين تي آھن سي مسيح جي سنڀال ھيٺ گڏجي وڃن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آڪاش توڙي ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن زمانن جي پوري ٿيڻ جو اهڙو بندوبست ٿئي جو آسمان توڙي زمين تي جيڪي ڪجھہ بہ آهي، سو سڀ مسيح جي سنڀال هيٺ اچي وڃي.