Ephesians 1:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا، جو جلال وارو پيءُ آهي، سو اوهان کي دانائي ۽ مڪاشفي جو روح بخشي؛ (تہ اوهين سندس معرفت حاصل ڪريو).
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا، جيڪو جلال ڀريو پيءُ آھي تنھن کان دعا گھرندو آھيان تہ ھو اوھان کي دانائيءَ وارو روح عطا ڪري جيڪو خدا کي اوھان تي ظاھر ڪري تہ جيئن اوھين ھن کي پوريءَ طرح سڃاڻو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور، جيڪو وڏي مهانتا وارو پتا آهي، سو ڏاهپ بخشڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پوِتر آتما کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
منهنجي دعا آهي تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا، جيڪو وڏي عظمت وارو پيءُ آهي، سو ڏاهپ عطا ڪرڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پاڪ روح کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.