Ephesians 1:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو خدا جھان بنائڻ کان اڳ ئي مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري اسان کي چونڊيو ھو، تہ جيئن اسين خدا جي آڏو پاڪ ۽ بيعيب ھجون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن ئي اسان کي سنسار بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو پريم ۾ پوِتر ۽ بيعيب هجون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بيعيب هجون.