Ephesians 2:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
سو ياد رکو تہ اوهين، جي اڳي جسم جي ڪري غير قوم هئا، ۽ جن کي اهي نامختون ٿا سڏين، جي پاڻ جسماني ختني جي ڪري، جو هٿن سان ڪيل آهي، مختون ٿا سڏجن،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري ياد رکو تہ اڳي پيدائشي طور اوھين غير قوم ھئا ۽ جيڪي ماڻھو جسماني طور ھٿ سان ڪرايل طھر جي ڪري پاڻ کي طھريل ٿا سڏين، سي اوھان کي اڻ⁠طھريل سڏيندا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب شرير جي لحاظ کان هٿ سان ڪرايل ختني وارا فخر وچان پاڻ کي ختني ٿيل سڏائيندي اوهان کي بنا ختني وارا سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب جسماني طور هٿ سان ڪرايل طهر وارا فخر وچان پاڻ کي طهريل سڏائيندي اوهان کي اڻ‌طهريل سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ