Ephesians 2:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو هو ئي اسان جو صلح آهي، جنهن ٻنهي کي هڪ ڪري ڇڏيو، ۽ جيڪا جدائيءَ جي ڀت وچ ۾ هئي سا ڊاهي ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو مسيح ئي اسان جو صلح آھي، جنھن يھودين ۽ غير يھودين ٻنھي کي ھڪ ڪري ڇڏيو. ھن جدائيءَ جي ڀت جيڪا وچ ۾ ھئي سا ڊاھي ڇڏي، جنھن ٻنھي کي ھڪ ٻئي جو دشمن بڻائي ڇڏيو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو مسيح ئي اسان جي صلح جو وسيلو آهي، جنهن پنهنجي شرير جي ٻليدان وسيلي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو. هن اها ڀت ڊاهي ڇڏي، جنهن ٻنهي کي هڪٻئي کان جدا ڪري دشمن بڻائي رکيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو مسيح ئي اسان جي صلح جو وسيلو آهي، جنهن پنهنجي جسم جي قربانيءَ وسيلي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو. هن اها ڀت ڊاهي ڇڏي، جنهن ٻنهي کي هڪٻئي کان جدا ڪري دشمن بڻائي رکيو هو.