Ephesians 2:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يعني اُها دشمني جا حڪمن جي شريعت جي قانونن ۾ هئي، سا پنهنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏيائين، انهي لاءِ تہ ٻنهي مان هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو ھن اھا دشمني جيڪا شريعت جي حڪمن وارن قانونن ۾ ھئي سا پنھنجي جسم جي وسيلي ڪڍي ڇڏي، تہ جيئن کين پاڻ سان ملائي ٻنھي مان ھڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اها ڀت نيم پنهنجي قاعدن قانونن سان کڙي ڪئي هئي. مسيح انهيءَ نيم کي هٽائي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي پاڻ ۾ شامل ڪري هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي ڇڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اها ڀت شريعت پنهنجي قاعدن قانونن سان کڙي ڪئي هئي. مسيح انهيءَ شريعت کي هٽائي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي پاڻ ۾ شامل ڪري هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي ڇڏيو.