Ephesians 2:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ صليب جي وسيلي دشمني دفع ڪري انهن ٻنهي کي هڪڙو جسم ڪري خدا سان ملائي:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مسيح پنھنجي صليبي موت جي وسيلي انھن جي دشمني ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻنھي کي ھڪڙو بدن ڪري خدا سان ملائي ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مسيح انهن جو ايشور سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو شرير بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي سوليءَ واري موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مسيح انهن جو خدا سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو بدن بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي صليبي موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين.