Ephesians 2:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.