Ephesians 3:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تہ هو پنهنجي جلال جي دولت موافق اوهان کي هي عنايت ڪري، تہ اوهين سندس روح جي ڪري پنهنجي اندر ۾ زور وارا ٿيو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
منھنجي دعا آھي تہ ھو پنھنجي جلال ڀري دولت موجب اوھان کي پنھنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوھين پنھنجي اندر ۾ زورآوار ٿيو ۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوھان جي دلين ۾ رھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پرارٿنا ٿو ڪريان تہ هو پنهنجي مهانتا واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي شڪتي بخشي تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ ٻلوان ٿيو
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دعا ٿو گھران تہ هو پنهنجي عظمت واري دولت موجب اوهان کي پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي طاقت عطا ڪري تہ اوهين پنهنجي اندر ۾ طاقتور ٿيو