Ephesians 3:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوهانجي دلين ۾ گهر ڪري؛ تہ اوهين محبت ۾ پاڙ هڻي ۽ پيڙهہ ڄمائي،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
منھنجي ھيءَ بہ دعا آھي تہ اوھين محبت ۾ پاڙ ھڻي ۽ پيڙھہ ڄمائي اھڙا مضبوط ٿيو
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ وشواس رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها پرارٿنا آءٌ انهيءَ ڪري ڪريان ٿو تہ جيئن اوهين پريم ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي جيون گذاريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ ايمان رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها دعا آءٌ انهيءَ ڪري گھران ٿو تہ جيئن اوهين محبت ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي زندگي گذاريو.