Ephesians 3:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي جيڪو اهڙو قادر آهي جو اسان ۾ پنهنجي قدرت جي اثر موجب، اسان جي گهُرڻ يا خيال کان گهڻو وڌيڪ ڪم ڪري ٿو سگهي،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
واکاڻ ٿي ڪجي انھيءَ خدا جي، جيڪو پنھنجي قدرت موجب جا اسان ۾ اثر ڪري ٿي، اسان جي گھرڻ ۽ سوچڻ کان وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مهما ٿي ڪجي انهيءَ شڪتيوان جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي شڪتيءَ موجب اسان جي پرارٿنا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
واکاڻ ٿي ڪجي انهيءَ قادر جي، جيڪو اسان ۾ اثر ڪندڙ پنهنجي طاقت موجب اسان جي دعا ۽ سوچ کان گھڻو وڌيڪ ڪم ڪري سگھي ٿو.