Ephesians 3:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
آئون جو پاڪ جماعت ۾ سڀني کان گهٽ آهيان، تنهن کي اهو فضل عطا ٿيو، تہ آئون غير قومن ۾ مسيح جي بي انداز دولت جي منادي ڪريان؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيتوڻيڪ آءٌ خدا جي قوم ۾ سڀني کان گھٽ آھيان، تنھن ھوندي بہ اھو فضل مون کي عطا ڪيو ويو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بيانداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ ايشور اها ڪرپا مون کي بخشي تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بيانداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ خدا اهو فضل مون کي عطا ڪيو تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بيانداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان