Ephesians 4:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن ڪن کي رسول، ۽ ڪن کي نبي، ۽ ڪن کي مبشر، ۽ ڪن کي پاسبان، ۽ ڪن کي اُستاد مقرر ڪري ڏنو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن ڪن کي رسول، ڪن کي نبي، ڪن کي خوشخبري ڏيندڙ، ڪن کي پاسبان ۽ استاد مقرر ڪري ڏنو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مسيح پنهنجي بخشش واري ڪرپا اهڙي نموني ورهائي جو ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ڪن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبريءَ جو پرچار ڪندڙ ۽ ڪن کي منڊليءَ جا سنڀاليندڙ ۽ سکيا ڏيندڙ مقرر ڪيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مسيح پنهنجي بخشش وارو فضل اهڙي نموني ورهايو جو ڪن کي رسول ، ڪن کي خدا جو پيغام ڏيندڙ، ڪن کي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڪن کي ڪليسيا جا نگهبان ۽ استاد مقرر ڪيائين.