Ephesians 4:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو انهن جي سمجهہ انڌي ٿي پيئي آهي، ۽ جيڪا جاهليت منجهن آهي تنهن جي سبب، ۽ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري، خدا جي زندگيءَ کان خارج آهن؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھي عقل جا انڌا آھن ۽ خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ ڪوبہ حصو ڪونہ اٿن، ڇاڪاڻتہ سندن دلين جي سختيءَ جي ڪري انھن ۾ جاھليت اچي ويئي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙو جيون گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري ايشور جي ڏنل جيون ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙي زندگي گذارڻ وارا عقل جا انڌا آهن. سندن دلين جي سختيءَ ۽ جهالت جي ڪري خدا جي ڏنل زندگيءَ ۾ سندن ڪوبہ حصو ڪونہ آهي.