Ephesians 5:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ شراب پي متوالا نہ ٿيو، جو انهي مان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي، پر روح سان ڀرپور رهو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انھيءَ سان بڇڙائي پيدا ٿي ٿئي. پر اٽلندو پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بياحتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، ڀڄن ۽ آتمڪ گيت دل سان پرڀوءَ جي مهما ۾ ڳائيندي وڄائيندي پوِتر آتما سان ڀرپور ٿيندا وڃو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بياحتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ دل سان خداوند جي واکاڻ ۾ ڳائيندي وڄائيندي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.