Ephesians 5:28 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ساڳيو انهي طرح مڙسن کي بہ گهرجي تہ پنهنجين زالن کي ائين پيار ڪن جيئن پنهنجي بدن کي پيار ٿا ڪن. جيڪو پنهنجيءَ زال کي پيار ڪري ٿو سو پاڻ کي پيار ٿو ڪري:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ساڳئي نموني مڙسن کي بہ پنھنجين زالن سان اھڙيءَ طرح محبت رکڻ کپي، جھڙيءَ طرح ھو پنھنجن جسمن سان رکن ٿا. جيڪو پنھنجيءَ زال سان محبت رکي ٿو سو پاڻ سان محبت رکي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو پتين کي بہ پنهنجين پتنين سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن شريرن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجي پتنيءَ سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو مڙسن کي بہ پنهنجين زالن سان اهڙيءَ طرح پيار ڪرڻ کپي، جهڙيءَ طرح هو پنهنجن جسمن سان ڪن ٿا. جيڪو پنهنجيءَ زال سان پيار ڪري ٿو سو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪري ٿو.