Ephesians 5:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اوهين اڳي اوندهہ هئا، پر هاڻي خداوند ۾ روشني ٿيا آهيو: سو روشنيءَ جي ٻارن وانگر هلو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو اڳي اوھين اوندھہ مثل ھئا، پر ھاڻي اوھين خداوند جا ماڻھو ھئڻ ڪري روشنيءَ مثل آھيو. سو اوھان کي انھن ماڻھن وانگر زندگي گذارڻ گھرجي جيڪي روشنيءَ وارا آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي پرڀو يسوع جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،