Esther 10:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو مردڪئي يهودي، بادشاهہ اخسويرس کانپوءِ، ٻئي درجي جو هو، ۽ يهودين ۾ وڏو هو، ۽ پنهنجن سڀني ڀائرن وٽ قبول پيو هو؛ ۽ پنهنجي قوم جو ڀلو گهرندڙ هو، ۽ پنهنجي سڄي نسل سان سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مردڪئي جو درجو شهنشاهہ اخسويرس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هو سڀني يهودين جو وڏو هو ۽ سڀيئي يهودي سندس عزت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي يهودي قوم جو خيرخواهہ هو ۽ پنهنجي سڄي يهودي نسل جي فلاح وَ بهبود لاءِ آواز اٿاريندڙ هو.