Esther 2:20 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
آستر اڃا تائين پنهنجي مٽي مائٽي ۽ قوم ظاهر نہ ڪئي هئي؛ جيئن ڪ مردڪئي تاڪيد ڪري ڇڏيو هوس: ڇالاءِ جو آستر مردڪئيءَ جو اڃا بہ اهڙو چيو مڃيندي هئي، جهڙو اڳي مڃيندي هئي، جڏهن وٽس پلي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آستر اڃا تائين پنهنجو خاندان ۽ پنهنجي يهودي قوم ظاهر نہ ڪئي هئي، ڇوجو مردڪئيءَ کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي هئي. هوءَ اڃا تائين ائين ئي مردڪئيءَ جي چوڻ تي عمل ڪندي رهي جيئن هوءَ پنهنجي پالنا دوران ڪندي هئي.