Esther 2:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هو هدساہ کي، يعني پنهنجي چاچي جي ڌيءَ آستر کي وٺي آيو: ڇالاءِ جو هن جو نڪو پيءُ هو نڪا ماءُ هئي، ۽ ڇوڪري خوبصورت ۽ حسين هئي؛ ۽ جڏهن هن جا پيءُ ماءُ مري ويا، تڏهن مردڪئي هن کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مردڪئيءَ کي هدساہ نالي هڪ سئوٽ هئي، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، ڇو تہ هن کي ماءُ پيءُ ڪونہ هئا. اها ڇوڪري، جنهن کي آستر پڻ سڏيو ويندو هو سا منهن مهانڊي ۾ ڏاڍي سهڻي هئي.