Esther 4:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن بادشاهہ جي ناظرن مان هڪڙو، هتاڪ، جنهن کي بادشاهہ راڻيءَ جي خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن کي آستر سڏائي حڪم ڏنو تہ مردڪئي وٽ وڃي کانئس خبر وٺ تہ هي ڇا آهي، ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن راڻي آستر شهنشاهہ جي هڪ خواجہسرا خدمتگار هتاڪ کي پاڻ وٽ گھرايو، جنهن کي شهنشاهہ سندس خدمت ۾ حاضر رهڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. راڻي آستر کيس حڪم ڏنو تہ مردڪئيءَ وٽ وڃي کانئس احوال وٺي تہ اهو سڀ ڪجھہ ڇا آهي ۽ انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي.