Esther 4:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
بلڪ لکيل حڪم، جو هنن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن ۾ پڌرو ڪيو ويو هو، تنهن جو نقل بہ ڏنائينس تہ آستر کي ڏيکاري ۽ احوال بيان ڪري ٻڌائي؛ ۽ تاڪيد ڪريس تہ بادشاهہ وٽ وڃي منٿ آزي ڪري، ۽ پنهنجي قوم جي پاران سندس حضور ۾ عرض احوال ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بلڪ مردڪئيءَ کيس ان لکيل حڪم جو نقل بہ ڏنو جيڪو يهودين جي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن شهر مان پڌرو ڪيو ويو هو. هن کيس چيو تہ هو اهو راڻي آستر کي ڏيکاري ۽ حال احوال بيان ڪري ٻڌائيس ۽ کيس تاڪيد ڪري تہ هوءَ شهنشاهہ وٽ وڃي پنهنجيءَ قوم جي پاران کيس منٿون ڪري.