Esther 6:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هامان پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي کي پهرايو، ۽ سوار ڪري شهر جي رستي تان گهمارايائينس، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرايائين، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهُري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هامان اُها پوشاڪ کڻي آيو ۽ اُهو گھوڙو ڪاهي آيو. هن مردڪئيءَ کي اُها پوشاڪ پهرائي ۽ کيس گھوڙي تي ويهاري ان جي اڳيان هلندي کيس شهر جي رستن تان گھمايائين. هن سندس اڳيان هلندي هلندي پڙهو بہ پئي ڏياريو تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.“