Esther 6:13 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجن دوستن کي جيڪي بہ ٿي گذريو هو سو سڀ بيان ڪري ٻڌايو. تڏهن سندس ڏاهن ماڻهن ۽ سندس زال زرش کيس چيو، تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون ڪِرڻ لڳو آهين، سو جي يهودين جي نسل جو آهي تہ تون هن تي غالب نہ ايندين، پر ضرور هن جي اڳيان ڪِرندين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هامان پنهنجي زال زرش ۽ پنهنجي سڀني دوستن کي اُهو سڀ ڪُجھہ ٻڌايو جيڪو ساڻس ٿي گذريو هو. تڏهن سندس صلاحڪارن ۽ سندس زال زرش کيس چيو تہ ”جيئن تہ مردڪئي، جنهن جي اڳيان تون پاڻ کي گھٽ سمجھڻ لڳو آهين، سو يهودي نسل جو آهي، سو تون هن سان مقابلو نہ ڪري سگھندين. تون يقيناً برباد ٿي ويندين.“