Esther 6:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اُها پوشاڪ ۽ اُهو گهوڙو بادشاهہ جي ڪنهن تمام وڏي امير جي هٿن ۾ ڏجي تہ اُهو اُنهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي، جنهن کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، ۽ انهيءَ کي گهوڙي تي چاڙهي، شهر جي رستي تان گهمارائي، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرائي، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو شهنشاهہ جي اعليٰ مرتبي وارن اميرن مان هڪ جي حوالي ڪيو وڃي. پوءِ هو اها پوشاڪ انهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي جنهن کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گھري ۽ انهيءَ گھوڙي تي چاڙهي کيس سڄي شهر جي رستن تان گھمائي ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياري تہ ’جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.‘“