Esther 7:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ بادشاهہ محلات واري باغ مان موٽي شراب جي مجلس واري هنڌ آيو: ۽ جنهن پلنگ تي آستر هئي، انهيءَ تي هامان ڪِريو پيو هو. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو گهر ۾، منهنجي روبرو راڻيءَ سان زور زبردستي ڪرڻ ٿو گهُري ڇا؟ بادشاهہ جي واتان انهن لفظن نڪرڻ تي هنن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ شهنشاهہ باغ مان واپس دعوت واري ڪمري ۾ موٽي آيو، جتي ڏٺائين تہ هامان راڻي آستر جي پلنگ تي ڪريو پيو هو. تڏهن شهنشاهہ غصي وچان رڙ ڪري چيو تہ ”هو منهنجي روبرو منهنجي راڻيءَ ۾ هٿ وجھڻ کان بہ نہ ٿو مڙي!“ شهنشاهہ اهي لفظ چيا ئي مس تہ سندس خواجہ‌سرا خدمتگارن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.