Exodus 12:27 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن اوهين چئجو تہ هيءَ انهيءَ خداوند جي لاءِ فسح جي قرباني آهي، جو مصر ۾ بني اسرائيل جي گهرن وٽان لنگهي ويو، جنهن وقت هن مصرين کي ماريو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين. تڏهن ماڻهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’هيءَ خداوند واسطي فصح جي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مصر ۾ مصرين کي ماريندي وقت اسان بني اسرائيل جي گھرن وٽان لنگھي ويو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين.‘“ تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن زمين تي جھڪي خداوند آڏو سجدو ڪيو.