Exodus 12:39 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هئائون، تنهن مان بي خمير مانيون پچايائون؛ ڇالاءِ جو اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو، ڇو تہ هو مصر مان هڪاليا ويا هئا ۽ ترسي نہ سگهيا، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو سمر تيار ڪري سگهيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن جيڪو ڳوهيل اٽو مصر مان آندو هو، تنهن مان بيخميري ماني پچايائون، ڇاڪاڻ تہ اهو اٽو خمير ٿيل نہ هو. جيئن تہ هنن کي اوچتو مصر مان زبردستيءَ ڪڍيو ويو هو، سو کين خمير ملائڻ جو بہ وقت نہ مليو، نڪي پنهنجي لاءِ ڪو کاڌو تيار ڪري سگھيا.