Exodus 13:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.