Exodus 18:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ موسيٰ جيڪي ماڻهن سان ڪيو، سو جڏهن سندس سهري ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳو تہ تون ماڻهن سان هي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇو تون پاڻ اڪيلو ويٺو آهين، ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين تنهنجي اڳيان بيٺا آهن؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن موسيٰ جي سهري اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو جيڪو موسيٰ ماڻهن لاءِ ڪيو، تڏهن چيائينس تہ ”تون ماڻهن سان هي ڇا ٿو ڪرين؟ تون ڇو پاڻ اڪيلو ئي ويهين ٿو ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو صبح کان وٺي سانجھيءَ تائين تنهنجي چوڌاري بيٺا آهن؟“